ڏهراج حاجي غلام نبي

ڏهراج، حاجي غلام نبي: حاجي غلام نبي ڏهراج، 1886ع ڌاري ضلعي نوابشاهه جي ڳوٺ محبت ديري جتوئيءَ ۾ ڄائو. هي سنڌ جي ممتاز ۽ سرگرم سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مان هڪ رهيو آهي. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. هي ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ هوشيار هوندو هو. سياسي تاريخ جي مطالعي سان کيس وڏو لڳاءُ هو. جڏهن تحريڪ آزاديءَ جي سلسلي ۾ قائداعظم محمد علي جناح، غلام نبي ڏهراج سان مليو ته کيس پنهنجي ساٿين ۽ آزادي جي پروانن ۾ شامل ڪيائين. هي اڳوڻي ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو هو. مسلم ليگ ۾ شروع کان وٺي حصو ورتائين. آزاديءَ واري تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي مختلف علائقن ۾ وڃي جوشيليون تقريرون ڪري عوام کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪندو هو. ان سلسلي ۾ هن جون ملاقاتون برصغير جي ڪيترن ممتاز ۽ اهم سياسي اڳواڻن سان ٿيون. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي سياسي افق تي سندس ستارو بلند رهيو. ضلع ڪائونسل نوابشاهه مان ڪائونسلريءَ جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ 1951ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1956ع ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو، پر اُن ۾ بچي ويو. هن 9 فيبروري 1970ع تي وفات ڪئي. رئيس عبدالغفار ڏهراج سندس فرزند آهي، جيڪو محبت ديري جو چڱو مڙس ۽ سماجي ورڪر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو